سنڌ جو ماڻڪ موتي شھر ڪراچي
ڪراچي....
ٽالپر حڪمرانن جي دور م طآقت جا مرڪز ٽي ھئا. ھڪ ھو خيرپور جنھن م اتر سنڌ جا علائقا شامل ھئا. ٻيو مرڪز ھو حيدرآباد. ھي سنڌ جو طاقتور ۽ مرڪزي شھر ھو. سندن سٺ سالن جي حڪومت دوران ھي شھر گادي جو ھنڌ پڻ رھيو آھي. سنڌ جي طاقت جو ٽيون مرڪز ميرپورخاص ھو.
مير صاحبن سنڌ تي اٽڪل 60 سال حڪومت ڪئي. 19ھين صدي جي پھرين ڏھاڪي ۾، انگريز جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپني تحت ھندستان تي حڪومت ڪري رھيا ھئا ميرن جي حڪومت سان معاھدن تحت ڏيتي ليتي ڪندا رھيا. بالآخر فيبروري 1843 ۾ ميرن سان جنگ ڪري سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيائون. تاريخ موجب حيدرآباد جي قلعي مان انگريزن 20 ڪروڙن جي ملڪيت ھٿ ڪئي ھئي، جنھن ۾ 13 ڪڙور روڪ ۽ 7 ڪروڙ جا زيور شامل ھئا.
انگريزن ڪجه عرصو حيدرآبد ۾ رھڻ بعد ڪراچي کي وڃي سنڌ جي گادي جو ھنڌ بنايو. ھنن ڪراچي شھر کي خوب ترقي ڪرائي. ايتري قدر جو ڪراچي کي پيرس جو خطاب پڻ مليو. پاڪستان ٺھڻ بعد ڪراچي کي گادي جو شھر ٺاھيو ويو. تقريبآ ٻارنھن سالن کان پوء اسلام آباد کي گادي جو شھر ڪيو ويو.
ھن وقت ڪراچي ھڪ بين الاقوامي شھر طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪراچي شھر ۾ سنڌين جو انگ گهٽ بہ آھي تہ ڪمزور پڻ. ان لاء ضروري آھي تہ ان خال کي جلد پُر ڪرڻ لاء سنڌين کي جوڳا اُپاء وٺڻا پوندا.
ڪراچي جا ڪجه پراڻا فوٽو.......
![]() |
| ڪراچي جي ھڪ گهٽي مان امپريس مارڪيٽ جو ڏيک.....فوٽو پن انٽريٽ ريبسآئيٽ جي ٿورن سان. |
![]() |
| ڪراچي امپريس مارڪيٽ جو ڏيک |
![]() |
| مھتا پئلس جو ڏيک |
![]() |
| ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي بلڊنگ جو ڏيک |
![]() |
| سينٽ جوزف ڪانونٽ |
![]() |
| ميري ويڌر ٽاور |
![]() |
| رام سوامي مندر ڪراڇي |
ڪراچي متعلق ھڪ ننڍڙي ڪوشش، جيڪا نہ تہ سٺي اھي ۽ نہ ئي ڪا وڻندڙ....... پر ھڪ شروعات ضرور آھي......ٻي ڳالھ تہ ھاڻي ڪمپيوٽر تي بہ سنڌي ٽائپ ڪرڻ شروع ڪئي آھي....
نوٽ ؛ مٿي ڏنل فوٽو سڀ پن اِنٽرييسٽ ويبسائيٽ تان کنيل آھن.







سائين امر فياض جي اتساھ تحت ٺاھيل بلاگ تہ جئين سنڌي کي گوگل تي ترقي ڏيارجي...........مھرباني.
ReplyDelete