Posts

سھڻو حيدرآباد

Image
سونھاري سنڌ سھڻو حيدرآباد ............حيدرآباد  ھن کان  اڳ ڪراچي متعلق لکيو ھيم. ھي ھيٺ ھڪ تصويري خاڪو يا اسڪيچ آھي جيڪو 1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوء ھڪ انگريز فوجي، جنھن جو نالو ليفٽيننٽ ايڊورڊ ھو، اھو اسڪيچ ٺاھيو ھو، جيڪو مون 2012 ۾ پنھنجي ف ب وال تي پڻ رکيو ھو.....اڄ سڀني جي ڄاڻ لاء ھتي رکان ٿو...... اگر اوھان دوستن وٽ ڪي اھڙا خاڪا ھجن تہ ضرور شيئر ڪندا تہ جئين سنڌ جي باري ۾ ڪافي مواد گوگل تي آڻي سگهجي..جنھن سان سنڌي ٻولي جي ترقي ٿيندي. مھرباني.. حيدرآبد جي قلعي جي صدر دروازي جو ديک........اسڪيڄ ليفٽيننٽ ايڊورڊ...ايسٽ انڊيا ڪمپني. 1843 Comments ADS GO HERE Popular posts from this blog سنڌ جو ماڻڪ موتي شھر ڪراچي ڪراچي.... ٽالپر حڪمرانن جي دور م طآقت جا مرڪز ٽي ھئا. ھڪ ھو خيرپور جنھن م اتر سنڌ جا علائقا شامل ھئا. ٻيو مرڪز ھو حيدرآباد. ھي سنڌ جو طاقتور ۽ مرڪزي شھر ھو. سندن سٺ سالن جي حڪومت دوران ھي شھر گادي جو ھنڌ پڻ رھيو آ

سنڌ جو ماڻڪ موتي شھر ڪراچي

Image
ڪراچي.... ٽالپر حڪمرانن جي دور م طآقت جا مرڪز ٽي ھئا. ھڪ ھو خيرپور جنھن م اتر سنڌ جا علائقا شامل ھئا. ٻيو مرڪز ھو حيدرآباد. ھي سنڌ جو طاقتور ۽ مرڪزي شھر ھو. سندن سٺ سالن جي حڪومت دوران ھي شھر گادي جو ھنڌ پڻ رھيو آھي. سنڌ جي طاقت جو ٽيون مرڪز ميرپورخاص ھو.  مير صاحبن سنڌ تي اٽڪل 60 سال حڪومت ڪئي. 19ھين صدي جي پھرين ڏھاڪي ۾، انگريز جيڪي ايسٽ انڊيا ڪمپني تحت ھندستان تي حڪومت ڪري رھيا ھئا ميرن جي حڪومت سان معاھدن تحت ڏيتي ليتي ڪندا رھيا. بالآخر  فيبروري 1843 ۾ ميرن سان جنگ ڪري سنڌ جي حڪومت تي قبضو ڪيائون. تاريخ موجب حيدرآباد جي قلعي مان انگريزن 20 ڪروڙن جي ملڪيت ھٿ ڪئي ھئي، جنھن ۾ 13 ڪڙور روڪ ۽ 7 ڪروڙ جا زيور شامل ھئا. انگريزن ڪجه عرصو حيدرآبد ۾ رھڻ بعد ڪراچي کي وڃي سنڌ جي گادي جو ھنڌ بنايو. ھنن ڪراچي شھر کي خوب ترقي ڪرائي. ايتري قدر جو ڪراچي کي پيرس جو خطاب پڻ مليو. پاڪستان ٺھڻ بعد ڪراچي کي گادي جو شھر ٺاھيو ويو. تقريبآ ٻارنھن سالن کان پوء اسلام آباد کي گادي جو شھر ڪيو ويو. ھن وقت ڪراچي ھڪ بين الاقوامي شھر طور ڄاتو وڃي ٿو. ڪراچي شھر ۾ سنڌين جو انگ گهٽ بہ آھي تہ ڪمزور